جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي

جلالاڻي، ارشاد علي فقير، صوفي: صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي ويراڳ سان دل هوندي هئي. راتين جون راتيون فقيرن سان گڏ ويراڳ ۾ گذاريندو هو. سندس طبيعت سادي هئي. پاڻ چڱو شاعر هو. سندس درگاهه تي سندس قلمي نسخو موجود آهي. 1987ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هوش ڪر، رهه هوش ۾، هوش سان هوشيار ٿي،
پنهنجو ڏس تون پاڻ ۾ دل اندر ديدار ٿي،
پاڻ ۾ ڏس ڪير آهي، ڪير ٿو ٻولي اندر،
دل جي ڏس کولي دري، هر جا حق جو يار ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.


1987.00.00  عيسوي

جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي 1987ع ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد حاجي مهر علي شاهه
بهاول خان عباسي5
پاٽينجر هينري
امين کوسو
شبنم اداڪاره
احمد حسين اي قاضي
پير فتح الدين قريشي
احمد فقير سمو
ڄام دائود
احسان دانش ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون